عوام تي هڪ نئون بار؛ ايل اين جي جي قيمتن ۾ 28 سيڪڙو تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

حڪومت عوام تي ٻيو بار وجهي ڇڏيو آهي. اوگرا مئي لاءِ ايل اين جي جي قيمتن ۾ 28 سيڪڙو تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي قيمت ۾ 3.51 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 16.04 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح سوئي ناردرن سسٽم لاءِ ايل اين جي 3.43 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 16.98 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اختيارين جي فيصلي ۾ دير سبب مئي جي قيمتن جي مقرري ۾ غير معمولي دير ٿي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment