ملڪ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايڪسپريس نيوز موجب منصوبابندي واري وزارت ماهوار ترقياتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 9 مهينن (جولاءِ کان مارچ) دوران 5.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ 5.3 سيڪڙو هئي. ترقياتي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران برآمدات ۾ 1.2 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.4 سيڪڙو ۽ درآمدات ۾ 8.3 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر 10.1 سيڪڙو جي اضافي سان 9306 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيا آهن، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ 8453 ارب رپيا هو. ان عرصي دوران ترسيل ۾ به 28 سيڪڙو اضافو ٿيو. منصوبابندي واري وزارت جي ماهوار ترقياتي رپورٽ موجب پاڪستانين 9 مهينن ۾ پرڏيهه مان 30 ارب 30 ڪروڙ ڊالر پاڪستان موڪليا، جيڪي گذريل سال ان عرصي ۾ 28 ارب ڊالر هئا، جڏهن ته جولاءِ کان مارچ دوران پاڪستان جي برآمدات 30 ارب 60 ڪروڙ ڊالر هئي، جيڪا گذريل سال ان عرصي ۾ 30 ارب 90 ڪروڙ ڊالر هئي. رپورٽ موجب 56 ارب 30 ارب ڊالرن جون شيون درآمد ڪيون ويون، جيڪي گذريل سال 51 ارب 90 ڪروڙ ڊالرز جون هيون. ان کان علاوه هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پاڪستان جي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
Source link

پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي، مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

