آئل ٽينڪرز جي هڙتال جو خطرو، پيٽروليم واري وزير ۽ مالڪن ۾ سڀاڻي ڳالهيون ٿينديون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن جو 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، پيٽروليم واري وزير آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئيشن سان رابطو ڪري ملاقات جو يقين ڏياريو.

ايڪسپريس نيوز موجب آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن جو صدر عبيدالله آفريدي 27 جولاءِ سومر تي پيٽروليم واري وزير سان ملاقات ڪندو.

ان سلسلي ۾ اڄ پاڪستان آئل ٽينڪرز اينڊ ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هنن چيو ته اسان پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو هو، جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا مڃي ٿي ته اعلان ڪيو ويندو.

ٽينڪر مالڪن چيو ته ڪمرشل لوڊشيڊنگ فوري طور بند ڪئي وڃي، آئل ٽينڪر جي ڀاڙن ۾ ٽن سالن کان واڌ نه ڪئي وئي آهي، موٽر وي ۽ اين ايڇ اي ٽول ٽيڪس ۾ 180 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ڀاڙا به ٽول ٽيڪس جي تناسب سان وڌايو وڃي.

اڳواڻن چيو ته گذريل ڏيڍ سال کان ڳالهيون ۽ خط و ڪتابت هلي رهي آهي، اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن مجبور ٿي هڙتال ڪئي، مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي پاڪستان ۾ آئل ٽينڪرن جا ڦيٿا جام ڪيا ويندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment