لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ رجب بٽ خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل، فائرنگ ۽ تشدد جا الزام

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ رجب بٽ خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نواب ٽائون پوليس عائشه جٽ جي فرياد تي رجب بٽ ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 25 جولاءِ تي مدعي پنهنجي ساٿين سان گڏ خانگي ڪيفي ۾ ماني کائڻ وئي، جتي ٻه ڇوڪرا ۽ ٻه ڇوڪريون سندس دوست سان بدفعلي ڪرڻ لڳا. جوابدارن الزام هڻندي چيو ته جوابدار کيس چماٽون هنيون ۽ پستول به ڪڍيو. ڪيس ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مير شفيع نالي هڪ جوابدار فائرنگ پڻ ڪئي. عائشه جٽ الزام هنيو ته سموري ڪارروائي رجب بٽ جي چوڻ تي ڪئي وئي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رجب بٽ يا ٻين نامزد جوابدارن طرفان انهن الزامن تي ڪو به باضابطا بيان ناهي آيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment