پاڪستان ورلڊ جونيئر ٽيم اسڪواش چيمپيئن شپ ۾ فتح جي شروعات ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

پاڪستان ورلڊ جونيئر ٽيم اسڪواش چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کٽي شاندار شروعات ڪئي.

رپورٽن مطابق ڪينيڊا جي شهر نيگارا ان دي ليڪ ۾ شروع ٿيندڙ ورلڊ جونيئر ٽيم اسڪواش چيمپيئن شپ جي گروپ 7 جي پهرين ميچ ۾ 7 سيڊ پاڪستان نائيجيريا کي 0-3 تان آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان جي نعمان خان يوسف قادري، عبدالله نواز شعيب جيوا ۽ محمد عمير عارف جوشوا ڊينيئل کي شڪست ڏني.

پاڪستان گروپ اسٽيج جي ٻئين ميچ ۾ سوئٽزرلينڊ خلاف کيڏندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment