اسلام آباد:
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ سڀ کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس سليب جي حد وڌائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پگھاردار طبقي لاءِ سڀ کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس سليب جي حد وڌائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڏي آمدني وارن تي لاڳو اضافي سرچارج يا ڏنڊ ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
اهڙي طرح برآمد ڪندڙن لاءِ رليف پيڪيج تحت هڪ سيڪڙو ايڪسپورٽ ٽيڪس به ختم ڪرڻ جو امڪان آهي.
ٽيڪس آفيسرن موجب حڪومت بجيٽ تقرير دوران ايڪسپورٽ سيڪٽر لاءِ خاص قدمن جو اعلان ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته فنانس ايڪٽ 2024 تحت برآمد ڪندڙن کي فائنل ٽيڪس ريجيم (FTR) مان ڪڍي نارمل ٽيڪس ريجيم (NTR) ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايڪسپورٽ آمدني تي هڪ سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس بدران 2 سيڪڙو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس ۽ هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس شامل آهي.
صنعت ۽ برآمدي حلقن حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته حتمي ٽيڪس ريگيم کي هڪ سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس سان اختياري بنيادن تي بحال ڪيو وڃي، سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي بروقت ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ خساري ۾ ويندڙ برآمد ڪندڙن کي مناسب ٽيڪس رليف فراهم ڪيو وڃي.
ان کان علاوه عام ٽيڪس ريجن ۾ رهندڙن کي ايف بي آر جي غير ضروري عملن کان بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.
حڪومتي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلز، اسٽيشنري شين ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي لاڳو ٽيڪسن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب سولر پينلز تي سيلز ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز واپس ورتي وئي آهي، جڏهن ته اسٽيشنري شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز به بجيٽ جو حصو نه هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جولاءِ 2026 کان اسٽاڪ مارڪيٽ تي لاڳو ٽيڪسن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي.


