عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 24 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 150 ڊالر ۽ مقامي سون جي في تولو قيمت 2 هزار 400 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 37 هزار 436 رپيا ٿي وئي.

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جي قيمت 2 هزار 58 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 75 هزار 30 رپيا ٿي وئي.

عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جي في اونس قيمت 37 سينٽ جي گهٽتائي سان 62 ڊالر ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ في تولو چاندي جو اگهه 37 رپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 679 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه 31 رپين جي گهٽتائي سان 5 هزار 726 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment