طالبان حڪومت جي نااهل پاليسين افغان عوام کي تاريخ جي بدترين انساني بحران جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
طالبان حڪومت، جيڪا افغان شهرين کي بنيادي انساني حق فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، رڳو دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. افغان جرنل هشت سوب موجب گڏيل قومن جي آفيس فار هيومنٽيرين افيئر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته افغان سرزمين تي لکين خاندانن جون زندگيون سخت متاثر ٿيون آهن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ اوچا چيو ته عالمي ميڊيا جي نظرن کان اوجهل هجڻ باوجود طالبان جي قبضي هيٺ افغان عوام سنگين انساني بحران جو شڪار آهي، روزگار جي شديد کوٽ 74 سيڪڙو افغان عوام کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
افغان شهري افغان طالبان راڄ جي بدترين نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته طالبان جي حڪومت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي افغان صدر جي ترجمان صديق صديقي موجب افغان طالبان جي نااهل حڪومت افغان سرزمين کي دنيا جو غريب ترين ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ترجمان صديق صديقي انڪشاف ڪيو ته 29 لک افغان شهري غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
انساني حقن جي تنظيم جي ڊائريڪٽر ايڊم واسورنو موجب افغانستان ۾ وسيلن جي شديد کوٽ سان گڏ عورتن تي لاڳو پابندين افغان عوام جي مشڪلاتن کي انتها تي پهچايو آهي.


