لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عورت کي ٻئي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سندس 8 ڌيئرون عدالت ٻاهران رڙيون ڪنديون رهيون.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستگذار غلام حسين پاران مبينه نظربندي جي درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سندس گهرواري شبنم بي بي کي اڳوڻي مڙس ۽ سندس گهرواري غير قانوني طور حراست ۾ رکيو آهي، تنهن ڪري عدالت کيس ساڻن وڃڻ جي اجازت ڏئي.
ٻڌڻي دوران شبنم بي بي عدالت آڏو بيان ڏنو ته سندس شادي غلام حسين سان ٿي آهي ۽ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي. عدالت عورت جو بيان قلمبند ڪندي کيس مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالتي فيصلي کانپوءِ عدالت ٻاهران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، جتي شبنم بي بي جي پهرين شادي جون ڌيئرون روئينديون رهيون.
هڪ ڌيءَ ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ماءُ کيس عدالت ۾ سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي نئين مڙس جي حق ۾ بيان ڏنو. عدالتي حڪم بعد شبنم بي بي پنهنجي مڙس غلام حسين سان گڏ هلي وئي.


