ڪراچي:
حب ندي ۾ 3 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا، ٽيئي نوجوان اورنگي ٽائون جا رهواسي هئا.
ايڪسپريس موجب حادثي جو اطلاع ملڻ تي ايڌي فائونڊيشن جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ايڌي فائونڊيشن جي عملي ٽنهي لاشن کي کڻائي فوري طور تي حب سول اسپتال ۽ بعد ۾ سهراب گوڙ ايڌي مرده خاني منتقل ڪيو.
ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب فوت ٿيندڙن ۾ 18 ورهين جو اديب ولد عامر، 20 ورهين جو حذيفه پٽ عبدالحق ۽ حارث ولد حنيف شامل آهن. مارجي ويل ٽيئي نوجوان اورنگي ٽائون جي امام بارگاه نمبر 2 جي پوئين علائقي جا رهواسي هئا.
ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب ٽئي نوجوان پنهنجن دوستن سان گڏ تفريح لاءِ حب نديءَ ويا هئا ته هي حادثو پيش آيو.


