چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 82 ڄڻا مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اتر چين جي صوبي شانزي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 82 ڄڻا مارجي ويا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب ڌماڪو ڪنوان ڪائونٽي ۾ ليوشينيو ڪوئلي جي مائن ۾ ٿيو، جتي واقعي وقت 247 مزدور زير زمين هئا.

ايمرجنسي رسپانس ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ گم ٿيل مزدورن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، سانحي جي مڪمل حد جو اندازو لڳايو پيو وڃي.

حادثي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment