جنگبندي لاءِ اسلام آباد، واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ پٺڀرائي سفارتڪاري جاري آهي: عرب ميڊيا دعويٰ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


دوحا:

خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وچ ۾ پردي جي پويان سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن ۽ جنگ بندي جي حوالي سان اهم پيش رفت ٿي رهي آهي.

عرب نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هڪ ئي وقت رابطا جاري آهن جتي مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب اهي ڳالهيون واشنگٽن، اسلام آباد ۽ تهران وچ ۾ ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ اهم نقطن، حالتن ۽ ممڪن ريڊ لائينز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

ذريعن موجب آمريڪي اختيارين ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته ڪنهن به ڊيل کان اڳ ايران جو ايٽمي پروگرام ايجنڊا ۾ سرفهرست هجي جڏهن ته ايراني قيادت جو اصرار آهي ته پهرين سندس سامونڊي رستن تان پابنديون هٽايون وڃن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جا امڪان روشن نظر اچي رهيا آهن پر صورتحال اڃا تائين نازڪ آهي ۽ ڪو به غير متوقع واقعو ٻيهر ڇڪتاڻ کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ سفارتي حلقن ۾ اها ڳالهه به هلي رهي آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ محدود مدي جي ممڪن فوجي ڪارروائي تي به غور ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد ايران کي ان جي شرطن تي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment