ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ خوفناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ ڇوڪري مبينا طور پنهنجي دوست کي جيئرو ساڙي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو ڪرناٽڪا جي ڳوٺ انجن پورا ۾ پيش آيو. پوليس موجب 27 ورهين جي پرينا ۽ مقتول ڪرن هڪ ئي هنڌ ڪم ڪندا هئا ۽ هڪ سال کان دوست هئا.
رپورٽن مطابق تازو ئي پرينا کي احساس ٿيو ته ڪرن هن ۾ دلچسپي ختم ڪري رهي آهي ۽ هن سان شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، جنهن کانپوءِ هن کيس پنهنجي گهر گهرايو.
پوليس موجب جڏهن ڪرن گهر پهتو ته ٻنهي ۾ ڪجهه دير تائين ڳالهه ٻولهه ٿي. بعد ۾ جوابدار مبينا طور تي ڪرن جي اکين تي پٽيون ٻڌي سندس هٿ ٻڌي کيس ڪرسي تي ويهاريو.
جڏهن ڪرن کان ان مشق جو سبب پڇيو ته پرينا چيو ته اهو سوشل ميڊيا تي پروپوزل ڏيڻ جو هڪ نئون طريقو آهي.
جڏهن ته ٿوري دير بعد جوابدارن ڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ شروعاتي جاچ ۾ هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
اختيارين موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ان افسوسناڪ واقعي سان علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.


