اسلام آباد:
پاڪستان جي اهم شخصيتن جي ڊيٽا پرڏيهه ۾ وڪرو ڪندڙ گينگ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جا 4 اهلڪار گرفتار ڪيا ويا آهن.
ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي سيد خرم علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏکڻ پنجاب مان هڪ گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو اهم پاڪستاني شخصيتن جي ڊيٽا وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هو.
هن گينگ جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن کي ڊيٽا پهچندڙ ماڻهن کي به ٽريس ڪيو پيو وڃي.
ڊي جي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي موجب جوابدار آفيسرن جا ڪال رڪارڊ، شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ٻيون حساس معلومات حاصل ڪندا هئا. گرفتار ٿيلن ۾ ارشد طارق، ارحم باري، انعم صابر ۽ محمد رضوان شامل آهن، جڏهن ته سندن موبائل فونن جي فرانزڪ پڻ ڪئي وئي آهي.
پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جوابدار حساس ۽ ذاتي ڊيٽا پرڏيهي انٽيليجنس ايجنسين سان شيئر ڪرڻ ۾ ملوث آهن، ڊيٽا جو وڪرو سڌي خلاف ورزي آهي ۽ منظم جاسوسي ۽ سائبر ڪرائم جي زمري ۾ اچي ٿو.
سيد خرم علي چيو ته ڊيٽا تائين پهچ ڏيندڙن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊيٽا محفوظ ڪن ۽ ڪنهن به غير مجاز شخص کي رسائي نه ڏني وڃي.
هن چيو ته متاثرن جي اي ميلز کي به چيڪ ڪيو پيو وڃي ته ڊيٽا ڪيئن ملي رهي هئي، ڊيٽا پاڪستان کان ٻاهر وڃي رهي هئي، ان حوالي سان ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن، ڊيٽا جي ذميواري انهن تي آهي جن کي ان تائين رسائي ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ايڪسپريس نيوز ڪجهه مهينا اڳ پاڪستانين جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي خبر ڏني هئي، جنهن جو وفاقي گهرو وزير به نوٽيس ورتو هو.


