جنگبندي باوجود ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي حملا، ڪيترائي مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسرائيل طرفان ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن تي تازين فضائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن.

اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا، جڏهن 17 اپريل تي ٿيل جنگبندي اڃا تائين قائم رهڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي.

لبنان جي سرڪاري خابرو اداري موجب اسرائيلي جهازن جازين ۾ جبل ريحان، بسليا ۽ السليرا جي علائقن کي نشانو بڻايو. ان کان علاوه السميه ۾ هڪ مسجد جي ويجهو هوائي حملي جو به اطلاع آهي.

رپورٽن مطابق بنت جبيل جي علائقي برج قلاويه ۾ به اسرائيلي فورسز طرفان وڏي بمباري ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته سرحدي ڳوٺ خيام ۾ اسرائيلي فورسز ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ لبنان جي شهر شوقين ۾ هوائي حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته نبطيح ضلعي ۾ به جاني نقصان جا اطلاع مليا آهن.

ٻئي طرف حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته هن القنطارا ۾ اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو آهي.

ياد رهي ته لبنان ۾ گذريل ٻن مهينن دوران اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 2659 تائين پهچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment