ايراني قدس فورس اسرائيلي جهازن جي قافلي تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل اسماعيل قاني غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ فلوٽلا قافلي تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
جنرل اسماعيل قاني چيو ته هو جهاز ۾ فلسطيني حامي ڪارڪنن جي اغوا جي سخت مخالفت ڪري ٿو.
هن چيو ته اهو عمل عالمي قانونن ۽ انسانيت جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.


