چيني صدر شي جن پنگ خبردار ڪيو آهي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر ”جنگل جي قانون“ ڏانهن موٽڻ جو خطرو آهي، جتي طاقتور ملڪ پنهنجي طاقت جي زور تي فيصلا مسلط ڪندا آهن.
بيجنگ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات دوران چيني صدر چيو ته چين ۽ روس جي وچ ۾ مضبوط سياسي اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ تعاون ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ڪاميابي جو بنيادي سبب آهي.
ان موقعي تي روسي صدر پيوٽن چيو ته روس ۽ چين جا لاڳاپا غير معمولي سطح تي پهچي ويا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ تعاون وڌائڻ گهرجي.
هن چيو ته روس ۽ چين جا معاشي لاڳاپا مسلسل بهتر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران روس چين لاءِ قابل اعتماد توانائي فراهم ڪندڙ ملڪ ثابت ٿي رهيو آهي.
ولاديمير پيوٽن چيو ته روس ۽ چين جا لاڳاپا عالمي استحڪام ۽ عالمي توازن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي “منصفانه ۽ معقول عالمي گورننس سسٽم” جي تعمير لاء گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته موجوده عالمي صورتحال ۾ طاقت جي سياست ۽ عالمي ڇڪتاڻ عروج تي آهي، جنهن ڪري دنيا واپس اهڙي نظام ڏانهن وڃي سگهي ٿي، جتي رڳو طاقتور جي ئي ٻڌي وڃي.
ملاقات دوران روسي صدر شي جن پنگ کي ايندڙ سال روس جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني.
هي ملاقات هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن عالمي سطح تي آمريڪا، چين ۽ روس وچ ۾ سياسي ۽ معاشي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي صورتحال عالمي سياست تي به اثرانداز ٿي رهي آهي.


