پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي شهري بڻجي ويو، برطانوي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر برطانوي شهري بڻجي ويو، کيس برطانوي حڪومت پاسپورٽ جاري ڪيو آهي. محمد عامر ڪجهه سال اڳ پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني هئي، سموري قانوني ڪارروائي ۽ وقت گذرڻ کانپوءِ هاڻي کيس پاسپورٽ ملي ويو آهي. محمد عامر 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. عامر جي زال نرجس خان برطانوي شهري آهي، محمد عامر هاڻي برطانوي شهري طور آءِ پي ايل کيڏڻ جو اهل آهي. محمد عامر گذريل سال ٻيو ڀيرو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment