اسلام آباد:
اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا شهزادي رحيم آغا خان جي نور خان ايئر بيس پهچڻ تي صدر معزز مهمان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.
ان موقعي تي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، سڌ سماءَ وارو وزير عطاءُ تارڙ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ثقافتي لباس ۾ ملبوس ٻارڙن معزز مهمان کي گلن جي ورکا ڪئي.
نور خان ايئر بيس کان شهزادو رحيم آغا خان صدر هائوس پهتو، جتي کيس ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
صدر هائوس پهچڻ تي بلاول ڀٽو زرداري سندس آجيان ڪئي جڏهن ته پرنس رحيم آغا خان صدر آصف علي زرداري سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پڻ شرڪت ڪئي.


