متحده عرب امارات ملڪ ۾ هوائي آپريشن مڪمل طور تي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اختيارين موجب فضائي حدن ۾ اڏامون هاڻي معمول موجب جاري آهن ۽ عارضي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن.
خليجي ميڊيا رپورٽن موجب جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ هوائي آپريشن مڪمل طور تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب پروازن جي بحالي جي باوجود هوائي حفاظت جي اعليٰ معيارن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل نگراني جاري رهندي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏئي سگهجي.
آفيسرن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته معلومات لاءِ صرف مستند ۽ سرڪاري ذريعن تي ڀروسو ڪن ۽ اڻ تصديق ٿيل خبرن کان پاسو ڪن.
ماهرن موجب فضائي آپريشن جي بحالي خطي ۾ معمول تي اچڻ جي هڪ اهم نشاني آهي، جنهن سان مسافرن ۽ هوائي جهازن جي شعبي کي راحت ملندي.


