برطانيا جو بادشاهه پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پنهنجي زال ڪيميلا چارلس سان گڏ آمريڪا پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.
عالمي خابرو اداري موجب برطانوي شاهي جوڙي جو خاص جهاز واشنگٽن ويجهو جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لينڊ ڪيو، جتي اعليٰ آمريڪي عملدار استقبال لاءِ موجود هئا.
برطانوي بادشاهه چارلس جو آمريڪا جو هي چار ڏينهن جو دورو آهي ۽ بادشاهه جي حيثيت سان هي سندس پهريون دورو آهي. ان جو مقصد برطانيه ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ آهي، جيڪي تازو ڇڪيل آهن.
برطانيه جو بادشاهه ۽ راڻي ان دوري دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهر واري سان به ملاقاتون ڪندا. دوري ۾ وائيٽ هائوس ۾ تقريبون، سرڪاري ضيافت ۽ ٻيون اهم ملاقاتون شامل آهن.
ان کان علاوه برطانوي بادشاهه آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو، جنهن کي نادر ۽ اهم سفارتي موقعو سمجهيو ويندو آهي.
ياد رهي ته هي دورو آمريڪا جي آزادي جي 250 هين سالگرهه جي موقعي تي پڻ ڪيو پيو وڃي. دوري دوران بادشاهه ۽ راڻي نيويارڪ ۽ ٻين هنڌن جو دورو پڻ ڪندا.
هن اهم دوري کي برطانيا ۽ آمريڪا وچ ۾ خاص لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. جنهن جا خطي تي دور رس نتيجا نڪري سگهن ٿا.
“


