ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان جنگ بندي معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان واحد باضابطه ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته قطر سميت ٻيا ملڪ به سفارتي لاڳاپن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب تهران ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته مختلف ملڪن ايران سان رابطو ڪري آمريڪا طرفان مسلط ڪيل جنگ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ايراني ترجمان اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته ايران خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سمورن ملڪن جي سفارتي ڪوششن کي ساراهي ٿو پر هن وقت صرف پاڪستان ئي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ”سرڪاري ثالث“ آهي ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل سرگرم آهي.
اسماعيل بقائي چيو ته قطر سميت ڪجهه ٻيا ملڪ جن جا ايران ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن اهي وقت بوقت ايراني پرڏيهي وزير کي پنهنجي تجويزن ۽ راين کان آگاهه ڪندا آهن پر پاڪستان ذريعي باضابطا پيغام ۽ ثالثي جو سلسلو جاري آهي.
ايراني خبرن جي ايجنسي IRNA ۽ ٻين عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستان گذريل ڪيترن ئي هفتن کان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي لاءِ پيغامن جي تبادلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. رپورٽون آهن ته ايران پاران پيش ڪيل نئون امن منصوبو به پاڪستاني ثالثن ذريعي آمريڪا کي پهچايو ويو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسان جي امن تجويزن ۾ جنگ جو خاتمو، خطي ۾ امن، پابندين جي خاتمي ۽ ايراني اثاثن جي بحالي جهڙا نقطا شامل آهن. سفارتڪاري جا دروازا بند ڪرڻ نٿا چاهيون پر ڪنهن به ڳالهين ۾ قومي مفادن کي اوليت ڏني ويندي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي نئين امن تجويز کي احمقانه قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڪنهن کي به قبول ناهي. جنگبندي جو معاهدو آخري سانس وٺي رهيو آهي.


