پي ايس ايل: ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي ناقابل شڪست پشاور زلمي جو چيلنج سامهون اچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 23هين ميچ ۾ اڄ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي ناقابل شڪست پشاور زلمي جي چيلينج کي منهن ڏيڻو پوندو.

تفصيل موجب پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي، قوي اميد آهي ته هو اڄوڪي ميچ لاءِ موجود هوندو.

پوائنٽس ٽيبل تي پشاور زلمي جي ٽيم 6 ميچن ۾ 11 پوائنٽس سان سرفهرست آهي.

لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم عبيد شاهه جي بال جي ڳچيءَ تي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

بعد ۾ بابر اعظم ڳچيءَ ۾ ريڊ بينڊ لڳائي فيلڊنگ ۾ حصو ورتو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment