ايف آءِ ايڇ پرو هاڪي ليگ ۾ قومي هاڪي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي جو سلسلو ختم نه ٿيو. بيلجيم کانپوءِ اسپين به پاڪستان کي 1-5 تان شڪست ڏني. قومي ٽيم ان کان اڳ بيلجيم خلاف 7 گولن تان هارائي هئي، جڏهن ته اسپين خلاف به پاڪستاني رانديگر دٻاءُ ۾ نظر آيا ۽ اثرائتو راند نه ڪري سگهيا. بيلجيم خلاف دفاعي لائين جي ڪمزوري واضح رهي، جڏهن ته اسپين خلاف قومي ٽيم دفاعي ۽ حملي ٻنهي ۾ اميدن تي پورو نه لهي سگهي.
Source link

پرو هاڪي ليگ: بيلجيم کانپوءِ اسپين به پاڪستان کي 1-5 تان شڪست ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

