پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين ذريعي امن جي فروغ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدو ان عمل ۾ شامل سمورن ڌرين جي دانشمندي ۽ امن لاءِ سنجيده ڪوششن جو مظهر آهي.
هن چيو ته اها ترقي خطي ۾ استحڪام ۽ تڪرار جي حل لاءِ هاڪاري نتيجا ڏئي سگهي ٿي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين ان عمل ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان سفارتي سطح تي امن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن علائقائي استحڪام لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سهڪار کي به ساراهيو.
بلاول ڀٽو زرداري ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پرڏيهي وزارت ۽ ان عمل ۾ شامل سمورن سفارتي ٽيمن جي خدمتن کي به ساراهيو ۽ چيو ته انهن جي پروفيشنل ازم، مستقل مزاجي ۽ پردي پويان ڪوششن هن ترقي کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو معاهدو نه رڳو آمريڪا ۽ ايران لاڳاپن ۾ بهتري جو سبب بڻجندو پر پوري خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو.


