سنڌ حڪومت گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي تعليم کاتي موجب اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين هونديون، اختيارين جو چوڻ آهي ته فيصلو سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن تي لاڳو ٿيندو.
ٻي پاسي پنجاب جي اسڪولن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اهڙو اعلان پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ڪيو.
پنجاب ۾ اسڪولن جون موڪلون 22 مئي کان شروع ٿي 24 آگسٽ تائين هونديون
– رانا سڪندر حيات (@RanaSikandarH) 11 مئي 2026
صوبائي تعليم واري وزير چيو ته پنجاب جي اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون 22 مئي کان شروع ٿينديون، انشاءَ الله 24 آگسٽ تي اسڪول کلي ويندا.


