يوڪرين جي راڄڌاني ۾ سپر مارڪيٽ اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ مارجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب حملي آور اوچتو سپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيو ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ايمرجنسي سروس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
پوليس موجب، سڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گهيرو ڪيو ۽ جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
شروعاتي تحقيقات ۾ فوري طور تي حملي جو سبب ظاهر نه ٿي سگهيو، پر اختيارين مختلف پهلوئن کي ڳولي رهيا آهن.
ياد رهي ته يوڪرين هن وقت جنگ جي صورتحال مان گذري رهيو آهي، جنهن سبب اڳ ئي سيڪيورٽي خدشا موجود آهن.


