ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن فيروز آباد، سپر مارڪيٽ، شريف آباد ۽ مبينا ٽائون ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جن وٽان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.
تفصيل موجب فيروز آباد پوليس ۽ شاهين فورس جي جوانن اربع ۽ خميس جي وچ ڌاري شهيد ملت روڊ هيل پارڪ باغ بهار شادي هال وٽ چيڪنگ دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي ماري ڇڏيو، جنهن جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ايس ايڇ او فيروز آباد انسپيڪٽر عديل افضل موجب مارجي ويل چور جي سڃاڻپ 35 ورهين جي عثمان عرف نور البشير عرف عثمان بنگالي ولد ابوالڪلام طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس اڳوڻو رڪارڊ حاصل ڪري فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ٻئي طرف سپرمارڪيٽ پوليس اربع ۽ خميس جي وچ ڌاري لياقت آباد لائم ڊپو نديءَ جي ڪناري وٽ مبينا مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 24 ورهين جي صدام حسين ولد شاهه جهان ۽ 22 ورهين جي عمران ولد جهانگير جي نالن سان ٿي آهي. پوليس جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي.
شريف آباد پوليس به اربع ۽ خميس جي وچ ۾ ايف سي ايريا ريلوي لائين ڀرسان مبينا مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمي جوابدارن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي اعجاز ولد سيد حسن ۽ 42 ورهين جي محمد عدنان ولد محمد انور جي نالن سان ٿي آهي. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن مبينا ٽائون پوليس اربع ۽ خميس جي وچ ڌاري يونيورسٽي روڊ سماما پل وٽ مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمي جوابدار کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب زخمي ٿيل چور جي سڃاڻپ 40 ورهين جي نادر پٽ غلام حيدر طور ٿي آهي، جنهن جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.


