آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پٽ جي شادي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو سرڪاري مصروفيتن ۽ ملڪي صورتحال سبب ان اهم موقعي تي موجود نه ٿو رهي سگهي. صدر ٽرمپ پنهنجي پٽ ۽ سندس گهرواري بيٽينا کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي پنهنجي خاندان سان گڏ هجڻ چاهي ٿو پر موجوده حڪومتي واعدن کيس اجازت نه ڏني. هن چيو ته آمريڪا سان محبت ۽ رياستي معاملن جو تقاضا آهي ته مان وائيٽ هائوس ۾ رهي ان ڪري شادي جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهان. آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ جي پٽ ڊان جونيئر جي شادي جي تقريب هلندڙ هفتي بهاماس جي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي ٿيندي، جنهن ۾ رڳو خاندان جا ويجها ماڻهو ۽ ڪجهه دوست شرڪت ڪندا.
Source link

ٽرمپ پنهنجي پٽ جي شادي ۾ شرڪت کان ڇو انڪار ڪيو؟ سبب سامهون آيو
Leave a Comment Leave a Comment

