منظر عام تي افغان طالبان حڪومت جي فتني الخوارج جي سرپرستي جا ناقابل ترديد ثبوت

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


افغان سرزمين نه رڳو پرفتنا الخوارج کي محفوظ پناهه گاهه فراهم ڪري ٿي پر ان کي پاڪستان ۾ دراندازي ڪرڻ جو کليل لائسنس پڻ حاصل آهي.

اها حقيقت واضح ٿي چڪي آهي ته افغان طالبان فتنا الخوارج کي پاڪستان خلاف ”اسٽريٽجڪ اثاثو“ طور استعمال ڪري رهيا آهن. افغانستان جي صوبي ڪنڙ مان فتنا الخوارج جي ڪمانڊر عبدالحميد خراساني جي پاڪستان تي حملي جي ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

فتنا الخوارج جي ڪمانڊر عبدالحميد خراساني پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته هن وقت اسان جا اڪثر مجاهد علائقي ۾ موجود آهن. مجاهد پاڪستاني فوج کي جواب ڏيڻ لاءِ حڪم جا منتظر آهن.

ڪمانڊر فتنا الخوارج چيو ته افغانستان جي اڳواڻن جو دفاع ڪرڻ سمورن مجاهدن ۽ افغان عوام جو فرض آهي.

ماهرن موجب فتني الخوارج جي حڪمن کي افغان طالبان جي حڪمن جي ماتحت ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته افغان طالبان حڪومت دراصل ان فتني جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment