آمريڪا، چين ۽ ايران جي وچ ۾ تازي سفارتي ڇڪتاڻ عالمي سياست کي هڪ اهڙي موڙ تي پهچايو آهي، جتي طاقت، واپار، توانائي ۽ فوجي حڪمت عمليون اهڙيون جڙيل آهن جو هڪ خطي ۾ بدامني پوري دنيا جي معيشت ۽ سلامتي کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
بيجنگ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ وچ ۾ ملاقات ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي پر ان ملاقات جو پسمنظر خليج ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، ايران خلاف آمريڪي دٻاءُ، آبنائي هرمز ۾ غير يقيني صورتحال ۽ عالمي واپاري رستن جو تحفظ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان ملاقات کي محض رسمي سفارتي سرگرمي نه ٿو سمجهي سگهجي پر ان کي بدلجندڙ عالمي توازن جي هڪ اهم ڪڙي جي طور تي سمجهڻو پوندو.
چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته ”چين ۽ آمريڪا کي حریف نه پر ڀائيوار هجڻ گهرجن،“ دراصل ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته عالمي معيشت هاڻي اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي مڪمل تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري جنگ، ٽيڪنيڪل بالادستي جي جدوجهد، پئسفڪ ۾ فوجي موجودگي ۽ تائيوان تڪرار ٻنهي ملڪن کي مخالف قوتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر ان جي باوجود دنيا جي ٻن وڏين معيشتن کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. آمريڪي مارڪيٽن کي چيني شين جي ضرورت آهي، جڏهن ته چين کي پنهنجي صنعتي پيداوار لاءِ آمريڪي سرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي مالياتي نظام تائين رسائي جي ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي طاقتون پنهنجي سخت اختلافن جي باوجود مڪمل ٽڪراءَ کان پاسو ڪندي نظر اچن ٿيون.
بيجنگ اجلاس جو هڪ اهم پاسو اهو آهي ته چين هاڻي صرف هڪ معاشي طاقت ناهي رهيو پر عالمي سفارتڪاري ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وچ اوڀر جي معاملن ۾ چين جي وڌندڙ دلچسپي بيجنگ جي پنهنجي اقتصادي طاقت کي سياسي اثر ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿي. چين اڳي به ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هاڻي نار جي بحران ۾ به ان جي سرگرمي نمايان ٿي رهي آهي. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جو پاڪستان کي ثالثي جون ڪوششون تيز ڪرڻ جو مشورو هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو نظر اچي ٿو جنهن ذريعي چين پاڻ کي هڪ ذميوار عالمي طاقت طور پيش ڪرڻ چاهي ٿو.
خليج ۾ موجوده ڇڪتاڻ جي دل تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان مختلف شڪلن ۾ جاري آهي. تهران پاران هيگ ۾ عالمي ثالثي عدالت ۾ آمريڪا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايران هاڻي فوجي ۽ سفارتي ٻنهي محاذن تي متحرڪ حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي. ايران اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته هو نه رڳو مزاحمت جي سياست ڪري رهيو آهي پر عالمي قانوني ادارن جي حوالي ڪري پنهنجي موقف کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بهرحال سوال اهو آهي ته ڇا عالمي ادارا واقعي به وڏين طاقتن خلاف ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهندا؟ ماضيءَ جو تجربو ان سلسلي ۾ ايترو حوصلو ڏيندڙ نه آهي. ايران جي پريشاني جو بنيادي سبب آمريڪا جو دٻاءُ ۽ اسرائيل سان وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي. ايراني قيادت بار بار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل وڏي فوجي آپريشن جي تياري ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ واشنگٽن کان سڌي جنگ جا اشارا واضح نه آهن، پر خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي، پابندين جو تسلسل ۽ اسرائيل جي موقف تهران جا خدشا وڌي ويا آهن. ايراني اهلڪارن جي بيانن ۾ اهو واضح ٿئي ٿو ته تهران ڪنهن به ممڪن ڪارروائي جي صورت ۾ آبنائے هرمز کي دٻاءُ طور استعمال ڪري سگهي ٿو. اهو ئي نقطو آهي جنهن عالمي طاقتن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هرمز جي آبنائي دنيا جي توانائي جي فراهمي جي شريان سمجهي ويندي آهي. تيل جي عالمي واپار جو وڏو حصو ان سامونڊي رستي تان گذرندو آهي، جيڪڏهن هتي ڇڪتاڻ وڌي يا شپنگ متاثر ٿي ته نه رڳو خليجي ملڪ پر سڄي دنيا جي معيشت ان جا اثر محسوس ڪندي. تيل جي قيمتن ۾ اضافو، عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال، شپنگ جي قيمتن ۾ اضافو ۽ صنعتي پيداوار تي دٻاءُ اهي ڪجهه نتيجا آهن جيڪي عالمي معاشي بحران کي جنم ڏئي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا، چين، يورپ ۽ ٻيون وڏيون معيشتون ان معاملي ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي رهيون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو بيان ته چين کي ايران تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، دراصل واشنگٽن جي اهم سفارتي دٻاءُ کي ظاهر ڪري ٿو. آمريڪا ڄاڻي ٿو ته ايران تي مغربي دٻاءُ جو اثر محدود آهي ڇو ته تهران ڪيترن سالن کان چين ۽ روس سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن.
چين ايران جو وڏو واپاري پارٽنر آهي ۽ پابندين جي باوجود ايراني تيل جو مکيه خريدار آهي. تنهن ڪري، واشنگٽن کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ مؤثر طريقي سان تهران تي اثر انداز ڪري سگهي ٿو، اهو چين آهي. ٻئي طرف، چين ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. هڪ طرف هو آمريڪا سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ٻئي طرف ايران سان پنهنجا اسٽريٽجڪ لاڳاپا به برقرار رکندو. اها چيني سفارتڪاري جي اصل مهارت آهي ته اها ٽڪراءَ کان پاسو ڪري ۽ هر بحران ۾ پنهنجي مفادن جو دائرو وسيع ڪري. اها سموري صورتحال پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي حوالن سان اهم آهي. هڪ طرف پاڪستان چين جو ويجهو اتحادي آهي ته ٻئي طرف آمريڪا سان به سٺا لاڳاپا آهن. لکين پاڪستاني خليجي ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ پاڪستان جي معيشت جو گهڻو دارومدار انهن ملڪن تي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اسلام آباد مسلسل سفارتي توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وچ ۾ رابطو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته پاڪستان کي هڪ امڪاني ثالث طور ڏٺو پيو وڃي. اهو ڪردار پاڪستان لاءِ هاڪاري نظر اچي ٿو، پر ان ۾ خطرا به آهن. پاڪستان کي تمام محتاط ۽ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن بحران جو هڪ اهم پاسو آمريڪي اندروني سياست آهي. اڳوڻي صدر بارڪ اوباما پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران پاليسي تي تنقيد دراصل آمريڪي سياسي ورهاڱي جي عڪاسي ڪري ٿي. ايٽمي ڊيل، جنهن کي اوباما پنهنجي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو، ٽرمپ اقتدار ۾ ايندي ئي ان کي ڪمزور ڊيل سمجهي رد ڪري ڇڏيو. اوباما جو موقف آهي ته ڳالهين ايران جو ايٽمي پروگرام محدود ڪري خطي کي جنگ کان بچايو، جڏهن ته ٽرمپ جي سخت گير پاليسين ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي.
ٻئي طرف، ٽرمپ ۽ سندس حامي دليل ڏئي رهيا آهن ته اوباما دور جي نرمي ايران کي مالي ۽ فوجي طور تي مضبوط ڪيو. حقيقت شايد انهن ٻنهي پوزيشن جي وچ ۾ آهي. اوباما ڊيل شايد عارضي طور تي تڪرار کي گهٽائي ڇڏي، پر اهو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بنيادي بي اعتمادي کي ختم نه ڪيو آهي. اهڙي طرح، ٽرمپ جي اعلي دٻاء واري پاليسي ايران کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور تي ڪامياب نه ٿي آهي. ان سموري صورتحال اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تڪرار رڳو پابندين، ڌمڪيون يا فوجي طاقت سان حل نه ٿو ٿي سگهي. تاريخ، مذهب، جاگرافي، علائقائي سياست ۽ عالمي مفاد هتي ايترا ته جڙيل آهن جو ڪنهن هڪ طرف جي مڪمل فتح ممڪن ناهي. هن بحران ۾ اسرائيل جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اسرائيل مسلسل ايران جي ايٽمي پروگرام کي پنهنجي وجود لاءِ خطرو قرار ڏئي چڪو آهي. تل ابيب چاهي ٿو ته آمريڪا ايران خلاف سخت موقف اختيار ڪري. بهرحال، آمريڪا لاءِ مسئلو اهو آهي ته هو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن جهڙوڪ يوڪرين، پئسفڪ ۽ وچ اوڀر تي لامحدود تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو واشنگٽن هڪ طرف سخت بيان ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف ڳالهين جا دروازا بند نٿو ڪري.
عالمي سطح تي موجوده بحران دراصل نئين دنيا جي نشاني آهي جتي طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي. سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا واحد سپر پاور بڻجي اڀريو پر هاڻ چين جي معاشي طاقت، روس جي فوجي مزاحمت ۽ علائقائي طاقتن جي خودمختيار پاليسين عالمي نظام کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ايران به ان بدلجندڙ عالمي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
تهران ڄاڻي ٿو ته چين ۽ روس جي موجودگيءَ ۾ آمريڪا لاءِ ماضي وانگر هڪ طرفي ڪارروائي ڪرڻ آسان ناهي. اڄ دنيا کي جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي اها هڪ عقلمند قيادت جي آهي جيڪا طاقت جي استعمال تي ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل مفادن جي اصولن کي اوليت ڏئي. جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين واقعي مقابلي بدران پارٽنرشپ جي طرف وڌن، ايران ۽ اولهه جيڪڏهن ڳالهين جو رستو اختيار ڪن ۽ علائقائي طاقتون ٽڪراءَ بدران تعاون جو رستو اختيار ڪن ته وچ اوڀر هڪ نئين بحران کان بچي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ آبنائے هرمز مان نڪرندڙ چنگاري عالمي معيشت ۽ عالمي امن کي باهه ۾ اڇلائي سگهي ٿي، جنهن جي اثرن کان ڪوبه ملڪ محفوظ نه رهي سگهندو.


