دبئي جي ايئر لائن پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن لاءِ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


دبئي جي ايئر لائن پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب گڏيل عرب امارات جي بجيٽ ايئر لائن آپريشنل مسئلن سبب پاڪستان جي ٽن اهم شهرن لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور لاءِ پنهنجون اڏامون 26 آڪٽوبر 2026 تائين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايئر لائنز اختيارين واضح ڪيو آهي ته ڪراچي، سيالڪوٽ، ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن ۾ هوائي آپريشن معمول موجب جاري رهندو.

واضح رهي ته دبئي کان پاڪستان لاءِ امارات جي ٻين ايئر لائنز جون اڏامون به بحال ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي شيڊول ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.

متاثر مسافرن جي حوالي سان انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽ هولڊرن کي رقم واپس ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه مسافرن جي سهولت لاءِ ٻين ايئر لائنز تي ري بکنگ جو آپشن به ڏنو پيو وڃي ته جيئن انهن کي سفر ۾ ڪنهن وڏي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.

ياد رهي ته گلف ايئر آپريشن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ سخت چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. دبئي ايئرپورٽ گذريل مارچ ۾ مسافرن جي تعداد ۾ 66 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي، جنهن جو ايئر لائن جي حڪمت عملي تي گهرو اثر پيو.

اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي خليجي ايئر لائنز پاران آپريشنز ۾ گهٽتائي هڪ پريشان ڪندڙ پيش رفت آهي. ان فيصلي سان نه رڳو مسافرن جا سفري منصوبا متاثر ٿيا آهن پر دبئي تائين پهچندڙ پاڪستانين لاءِ رستا به محدود ٿي ويا آهن. اميد آهي ته حالتون بهتر ٿيڻ تي انهن رستن تي اڏامون ٻيهر شروع ڪيون وينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment