مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستانين ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪيو.
هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب مالي سال 26-2025ع ۾ جيڪو 2 ڏينهن بعد ختم ٿي ويو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ سبب شهري ملڪي تاريخ جو مهانگو ترين تيل خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.
30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جو تاريخي بار به عوام تي لاٿو ويو، ان حوالي سان سرڪاري انگن اکرن مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومتي فيصلن جي نتيجي ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 257 رپيا 76 پئسا في ليٽر واڌ ٿي آهي.
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اهو رڪارڊ واڌ ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ سنگين تبديلي ثابت ٿيو.
ساڳئي عرصي دوران پيٽرول جي قيمت ۾ به 199 رپيا 98 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن سان مهانگائي جي چکی ۾ پسيل عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.


