ڪراچي:
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي جي ڪارروائي دوران غيرقانوني منشيات ٺاهڻ واري فيڪٽري کي بي نقاب ڪري خام مال، تيار ٿيل منشيات ۽ مشينري هٿ ڪري ورتي.
ايڪسپريس نيوز موجب ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي ملير ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ دوائن جي جعلي فيڪٽري کي بي نقاب ڪيو ويو.
ڪارروائي دوران جوابدار فيصل شاهد کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو فيڪٽري جو مالڪ ۽ آپريٽر نڪتو.
ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ خام مال، تيار ڪيل دوائون ۽ مشينري هٿ ڪئي وئي. هٿ آيل سامان کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ڊريپ اختيارين حوالي ڪيو ويو.
اختيارين جعلي دوائن ٺاهڻ جي مذموم ڪاروبار ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.


