ڀارتي ڪاميڊين ڇوڪري کي جنم ڏنو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



بگ باس 17 جو فاتح ۽ مشهور ڪاميڊين منور فاروقي ڌيءُ جي پيدائش سان ٻيو ڀيرو پيءُ بڻجي ويو آهي. مشهور اسٽينڊ اپ ڪاميڊين ۽ ريئلٽي شو اسٽار منور فاروقي ٻيو ڀيرو پيءُ بڻجي ويو آهي، سندس گهر واري مهزبين ڪوٽوالا هڪ ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي، جيڪا سندن پهرين ٻار آهي. ياد رهي ته منور فاروقي 2017ع ۾ ياسمين سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آهي، پر 2022 ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي، انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو بعد ۾ ڀارتي ڪاميڊين ميڪ اپ آرٽسٽ مهزبين ڪوٽوالا سان 2024ع ۾ شادي ڪئي، جيڪا مهزبين جي ٻي شادي پڻ هئي ۽ کيس پهرين شادي مان هڪ ڌيءَ سميرا به آهي. منور فاروقي انسٽاگرام تي خوشخبري شيئر ڪئي ۽ پنهنجي زال ۽ نئين ڄاول ڌيءَ جي تصوير به شيئر ڪئي. پوسٽ ۾ هن لکيو ته الحمدلله گهر ۾ رحمتون اچي ويون آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment