آمريڪي بحريه جي سيڪريٽري اوچتو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



آمريڪي بحريه جي سيڪريٽري جان سي فالن اوچتو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پر سندس استعيفيٰ جو سبب اڃا تائين سامهون ناهي آيو. رپورٽن مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ نومبر 2024ع ۾ جان سي فالون کي نيوي جو سيڪريٽري نامزد ڪيو هو، جان سي فالن فيبروري 2025ع ۾ سينيٽ جي ڪميٽي آڏو پيش ٿيو ۽ مارچ 2025ع ۾ 62 کان 30 ووٽن ذريعي ان عهدي جي تصديق ڪئي وئي، آمريڪي نيوي جي سيڪريٽري جي استعيفيٰ کانپوءِ جان سي فالون کي نيوي جو انڊر سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف خبرن جي ايجنسين جو چوڻ آهي ته جان سي فالن کي اوچتو سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو. ان کان اڳ ايران جنگ دوران آمريڪي آرمي چيف آف اسٽاف جنرل رينڊ جارج کي به سندس عهدي تان هٽايو ويو هو. ياد رهي ته آمريڪي بحريه جو سيڪريٽري بحريه جي انتظامي، مالي ۽ پاليسي معاملن جي نگراني ڪندو آهي. ان کان اڳ ايران جنگ دوران آمريڪي وزير جنگ پيٽ هيگسٿ جنرل رينڊ جارج کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment