پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن ۾ راولپنڊي کانپوءِ هڪ ٻي ٽيم پلي آف اسٽيج جي دوڑ مان ٻاهر ٿي وئي.
تفصيل موجب ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم گذريل ڏينهن لاهور قلندرز هٿان اهم ميچ هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم 9 مان 3 ميچون کٽي چڪيون آهن ۽ هاڻي سندن آخري ميچ رڳو رسمي هوندي.
واضح رهي ته محمد رضوان جي قيادت ۾ نئين شامل ٿيل فرنچائز راولپنڊي لڳاتار 8 ميچن ۾ ناڪام وئي آهي.
پشاور زلمي 15، ملتان سلطانز 12، اسلام آباد يونائيٽيڊ 9، لاهور قلندرز 8، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز، حيدرآباد ڪنگز 6 ۽ ڪراچي ڪنگز 6 پوائنٽس سان پهرين کان ستين پوزيشن تي آهن.


