سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني آئيني بينچ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.
عدالت هدايت ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي ٻي بئنچ ۾ ڪئي وڃي. درخواستگذار جي وڪيل سرمد هاني ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ڊيپوٽيشن تي مقرري سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي.
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رضوان سومرو کي 2006ع ۾ نيب ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن آفيسر کي هڪ تڪراري قانون سازي ذريعي سنڌ پوليس ۾ شامل ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آفيسر کي ٻيهر نيب حوالي ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي رضوان سومرو کي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ڊيپوٽيشن تي مقررين کي ضابطن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو هو. چيو ويو آهي ته اهو منصوبو اربين رپين جي لاڳت سان جاري آهي. ان منصوبي ۾ سڄي سنڌ جي اسڪولن جي اپ گريڊيشن، استادن جي تربيت ۽ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جا قدم شامل آهن.
حساس ۽ اهم پراجيڪٽ جي سربراهي ڪندڙ آفيسر جي اهليت ۽ قانونيت تي سوال آهن. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي مقرري مڪمل قانوني طريقي سان ڪئي وئي آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي پوسٽ سرڪاري آفيس نه آهي پر هڪ منصوبي تي ٻڌل مقرري آهي.


