حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري ڪيل اعلان موجب ايندڙ هڪ هفتي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 50 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

تازي گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 373 رپيا 78 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 378 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب نئين قيمتون ايندڙ هڪ هفتي لاءِ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment