آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سميت اهم عالمي ۽ گهرو معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪالهه پنهنجي ڪابينا جو خاص اجلاس سڏايو، جيڪو وائيٽ هائوس بدران صدارتي ريسٽورنٽ ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ٿيندو.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي ڪابينا جو هي غيرمعمولي اجلاس بظاهر اوچتو نه پر اڳ کان رٿيل آهي، جنهن ۾ ڪابينا جا سمورا اهم ميمبر شرڪت ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس کي وائيٽ هائوس کان پري ڪنهن پرامن ۽ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اعليٰ عملدار ڪنهن به سياسي يا ميڊيا جي دٻاءَ کانسواءِ اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن.
رپورٽن مطابق ملاقات ۾ خاص طور تي ايران سان جاري ڳالهين ۽ ممڪن ڊيل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ياد رهي ته آمريڪا هن وقت ايران سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ نئين مصالحتي معاهدي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي پر ان معاملي تي ريپبلڪن پارٽي اندر اختلاف آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب ريپبلڪن پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ سخت گير ڌرين جو خيال آهي ته واشنگٽن ايران سان ٿيندڙ ڊيل ۾ تمام گهڻي لچڪ ڏيکاري رهيو آهي.
انهن نقادن جو چوڻ آهي ته تهران تي دٻاءُ برقرار رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن به نئين ڊيل ۾ ايران جي ايٽمي ۽ علائقائي ڪردار تي سخت شرطون شامل ٿيڻ گهرجن.
ياد رهي ته ڪيمپ ڊيوڊ ماضي ۾ آمريڪي صدرن طرفان حساس قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي معاملن تي اهم مشاورت لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.
اهو ماڳ 1978 جي تاريخي ڪيمپ ڊيوڊ معاهدي لاءِ پڻ مشهور آهي، جنهن مصر ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن معاهدي جو بنياد رکيو.


