سعودي عرب جي شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هن سال حج جي ادائگي جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


رياض:

سعودي عرب جي شماريات واري کاتي حج جي مناسڪن جي ڊيٽا جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته هن سال مجموعي طور تي 17 لک 7 هزار 301 ماڻهن حج ادا ڪيو.

شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن سال 165 مختلف قوميتن سان تعلق رکندڙ 15 لک 46 هزار 655 پرڏيهي حاجين حج ادا ڪيو، جن ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهي پڻ شامل آهن.

سعودي عرب جي مقامي ماڻهن به وڏي انگ ۾ حج ادا ڪيو، رپورٽ موجب هن سال 1 لک 60 هزار 646 سعودي شهرين حج جا مناسڪ ادا ڪيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪل 8 لک 93 هزار 396 مرد حاجين مان 813 هزار 905 عورتون هيون.

سعودي عرب جي شماريات کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 14 لک 85 هزار 729 پرڏيهين حج لاءِ هوائي رستو اختيار ڪيو، جڏهن ته 54 هزار 429 ماڻهن زميني سفر ڪيو، ان کان علاوه 6 هزار 497 پرڏيهي حاجي سمنڊ ذريعي سعودي عرب پهتا.

واضح رهي ته سعودي عرب جي شماريات کاتي جي رڪارڊ موجب گذريل سال 1 لک 73 هزار 230 ماڻهن حج ادا ڪيو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment