اسلام آباد:
حڪومتي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ ۾ رئيل اسٽيٽ سيڪٽر تي ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پراپرٽي خريد و فروخت ۽ پراپرٽي هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.
ايف بي آر اختيارين موجب ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس جي شرح ۾ نرمي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن. آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ پراپرٽي تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ملڪيتن جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو.
ايف بي آر موجب حڪومت ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.


