پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدي جا اهم تفصيل پڌرا ڪيا ويا جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدي جا نقطا قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا.
واپار واري وزارت پاڪ آمريڪا واپاري معاهدي جا اهم نقطا ايوان ۾ پيش ڪيا. واپار واري وزارت چيو ته آمريڪا معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.
آمريڪا تانبا، لوهه، اسٽيل، ايلومينيم جي درآمد تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا ريفائنڊ ڪاپر تي 50 سيڪڙو ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني آهي.
واپار واري وزارت چيو ته آمريڪا کي ريفائنڊ ڪاپر جي برآمد پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان ٽامي جي ذخيرن سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي. پاڪستان کي عالمي سطح تي معدنيات جي قابل اعتماد سپلائر طور متعارف ڪرايو ويندو.
واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٽن نقاطي حڪمت عملي جوڙي آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي حڪمت عملي جو مقصد پاڪستاني برآمدات تي اثرن کي گهٽائڻ آهي. پاڪستان آمريڪي واپاري خسارو گهٽائڻ لاءِ درآمدات ۾ اضافو ڪندو.
واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي حڪومت مصنوعات تي ٽيڪس لڳائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي، گهٽ ٽيڪس سان پاڪستاني شين کي آمريڪي مارڪيٽن تائين بهتر رسائي ڏني ويندي، نان ٽيرف رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن کي ختم ڪيو ويندو يا نرم ڪيو ويندو.
واپار واري وزارت موجب پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ فريم ورڪ تي اتفاق ٿي ويو آهي، آمريڪا پاڪستاني برآمدات تي ٽيڪس 29 مان گهٽائي 19 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.


