ڪراچي:
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل هفتي دوران پرڏيهي مٽا سٽا جي سرڪاري ذخيرن ۾ 540 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 21 مارچ تائين جي ڊيٽا شامل آهي.
رپورٽ موجب 21 مارچ جي هفتي دوران حڪومت جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 540 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ذخيرا 10 ارب 60 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي سطح تي اچي ويا.
بيان موجب 21 مارچ تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڪل ماليت 15 ارب 55 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 4 ارب 94 ڪروڙ 40 لک ڊالر جا ذخيرا موجود آهن.


