عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمت ۾ اوچتو وڏو اضافو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ اوچتو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو، آمريڪا جي بحري بندش جي خاتمي جو اعلان ۽ عالمي تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي جهڙا عنصر قيمتي ڌاتو جي مارڪيٽن تي اثرانداز ٿي رهيا آهن، جنهن سبب عالمي ۽ مقامي سطح تي سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه سومر تي مسلسل ٽئين ڏينهن به 108 ڊالر وڌي 4 هزار 327 ڊالر جي سطح تي پهچي ويو.

ٻئي طرف ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون جو في تولو اگهه 10 هزار 800 رپين جي واڌ سان 4 لک 55 هزار 136 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 9 هزار 720 رپيا واڌ سان 3 لک 89 هزار 600 رپيا ٿي ويو.

اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 2 ڊالر 30 سينٽس جي واڌ سان 70 ڊالر 30 سينٽس ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ في تولو چاندي جو اگهه 230 رپيا 7 هزار 509 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 197 رپيا 70 پئسا واڌ سان 6 هزار 396 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment