پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، مهانگائي جو امڪان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ مارچ مهيني لاءِ تيل جا ڪافي ذخيرا موجود آهن. وفاقي حڪومت به خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ايندھن جي استعمال کي محدود ڪرڻ لاءِ سادگي واري قدمن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان اسلام آباد ۾ اڄ سرڪاري موڪل جو ڏينهن ملهايو ويو آهي، جڏهن ته ايندھن جي گھٽ استعمال واري حڪمت عملي تحت حڪومت جيٽ فيول ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي برآمد تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو باضابطا اعلان جمعي تي ڪيو ويندو. هن چيو ته نئين قيمتن جو تعين عالمي اوسط قيمتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment