سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته اهي يو بي او جي معلومات جمع ڪرائين.
ايس اي سي پي موجب سمورين ڪمپنين کي سالياني ريٽرن سان گڏ فارم 19 ذريعي فائدي جي مالڪي جي معلومات جمع ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته يو بي او جي معلومات آن لائن سسٽم ذريعي به جمع ڪرائي سگهبي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته الٽيميٽ بينيفيشل اونرشپ تي معلومات جي فراهمي ڪمپنيز ايڪٽ تحت لازمي آهي ۽ ڊڪليئريشن فارم 19 ذريعي جمع ڪرايو وڃي ٿو. يو بي او معلومات ڪارپوريٽ گورننس ۾ شفافيت لاءِ اهم آهي ۽ مني لانڊرنگ خلاف فريم ورڪ جي بنيادي ضرورت پڻ آهي.
ايس اي سي پي موجب الٽيميٽ بينيفيشل اونرز اهي ماڻهو آهن جيڪي اصل ۾ ڪمپني جا مالڪ آهن يا ان تي ڪنٽرول ڪن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو نالو شيئر هولڊرز يا ڊائريڪٽرن ۾ نه آهي، تڏهن به معلومات فراهم ڪرڻ لازمي آهي.
ايجنسي سمورن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو بنا دير فارم 19 جمع ڪرائين، جنهن جي آخري تاريخ 30 اپريل مقرر ڪئي وئي آهي.
ايس اي سي پي خبردار ڪيو آهي ته جيڪي ڪمپنيون مقرر تاريخ تائين فارم 19 جمع نه ڪرائينديون انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ان تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڊائريڪٽرن ۽ ذميوار آفيسرن کي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ ڪمپني کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو.


