ڪراچي:
يو اي اي جا سمورا مالي ذخيرا پاڪستان واپس ڪيا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان يو اي اي پاران فراهم ڪيل سمورا مالي ذخيرا واپس ڪري ڇڏيا آهن. مرڪزي بئنڪ موجب گذريل ڏينهن تازي ادائيگي طور هڪ ارب ڊالر منتقل ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ سموري بقايا رقم ادا ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ (گذريل هفتي دوران) پاڪستان گڏيل عرب امارات کي 2.45 بلين ڊالر جي رقم واپس ڪئي هئي ۽ اهڙي طرح 3.45 بلين ڊالر جي مجموعي ادائيگي مڪمل ٿي چڪي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 23 اپريل 2026 تي ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ADFD) UAE کي 1 بلين آمريڪي ڊالر جي جمع رقم واپس ڪئي. گذريل هفتي 2.45 بلين ڊالر جي جمع رقم واپس ڪئي وئي. اهو يو اي اي ڏانهن 3.45 بلين ڊالر جي ڪل جمعن جي واپسي کي مڪمل ڪري ٿو.
SBP (@StateBank_Pak) اپريل 24، 2026
اسٽيٽ بئنڪ موجب سمورا ادائگي طئي ٿيل طريقيڪار موجب ادا ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جي مالي امداد فراهم ڪئي آهي جنهن کي ملڪ جي مالي استحڪام جي حوالي سان اهم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.


