آءِ ايم ايف کان وڏو معاملو، حڪومت جو درآمدي پابندين ۾ نرمي جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته درآمدات جي حوصلا افزائي ڪندڙ 2660 کان وڌيڪ نان ٽيرف رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن مان ڪجهه کي جلد ختم ڪيو ويندو. ذريعن موجب 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي معاهدي تحت حڪومت جون کان پابنديون هٽائڻ جو عمل شروع ڪرڻ جو واعدو ڪيو، موبائيل فون ۽ گاڏين جي درآمد تي لاڳو پابنديون ابتدائي مرحلي ۾ گهٽ ڪرڻ جو امڪان آهي. اختيارين موجب حڪومت آٽو موبائيل، دوائن، اسٽيل، کاڌي، زرعي شين، کاسمیٹڪس ۽ موبائيل فونز سان لاڳاپيل 76 ڪسٽم ڪوڊز تي لاڳو پابنديون هٽائيندي، جنهن سان ڊيري پراڊڪٽس، ٽيڪسٽائيل، اسٽيل بارز، دوائن جي درآمد ۾ آساني ٿيندي. آٽو موبائيل سيڪٽر ۾ تيار ۽ نيم تيار ٿيل گاڏين جي درآمد تي پابندي ختم ڪئي ويندي، موبائيل فونز جي درآمد کي پي ٽي اي جي منظوري سان مشروط رکڻ جي شرط کي به ختم ڪري سگهجي ٿو، زرعي شعبي ۾ گوشت، کير، پيڪيج ٿيل فوڊ ۽ خوردني تيل جي درآمد ۾ سهولت ڏيڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري لاءِ به رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. ذريعن موجب باقي نان ٽيرف رڪاوٽن کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو ۽ اهو عمل 2026ع جي آخر تائين ريگيوليٽري ريفارمز بابت ڪابينا ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment