اسلام آباد:
وزيراعظم سان سڄي ملڪ جي واپاري برادري ملاقات ڪئي، وزيراعظم ٽيڪس ريفنڊز کي 15 جون تائين حل ڪرڻ ۽ پرال جي آفيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اعليٰ قيادت جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايندڙ وفاقي بجيٽ، صنعتي ترقي، برآمدات ۾ واڌ ۽ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت جي مسلسل ڪوششن ۽ موثر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت کي استحڪام مليو آهي ۽ هاڻي تيزيءَ سان اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري ڪيا ويندا.
هن يقين ڏياريو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صنعتي پيداوار ۽ ڪاروباري سرگرمين جي واڌاري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي ته 15 جون تائين سمورن التوا واري ٽيڪس ريفنڊ ڪيسن کي نبيريو وڃي ته جيئن واپاري برادري کي درپيش مسئلا حل ٿي سگهن.
هن چيو ته برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي حڪومت جو بنيادي مشن آهي ۽ گڏيل ڪوششون ان مقصد جي حاصلات کي يقيني بڻائينديون. وزيراعظم ان ڳالهه جي به آجيان ڪئي ته پاليسي ريٽ ۾ تازي واڌ جي باوجود بئنڪن جون 2027 تائين ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي شرح 4.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان برآمد ڪندڙن کي سهولت ملندي.
پرال جي آفيس کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي هدايت
وزيراعظم شهباز شريف واپاري برادري جي سهولت لاءِ پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ (PRAL) جي هيڊ آفيس کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
گجرات ۾ پاسپورٽ آفيس قائم ڪرڻ جي منظوري
ان کان علاوه اوورسيز پاڪستانين ۽ واپارين جي درخواست تي گجرات ۾ پاسپورٽ آفيس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ايس ايم اي شعبي ۾ ترقي، سڌارن ۽ سهولتن جي فراهمي کي حڪومت جي اقتصادي ايجنڊا جو اهم حصو قرار ڏيندي وزيراعظم مقامي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته هو گڏيل منصوبن ذريعي اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار کي فروغ ڏين.
وفد جي شرڪت وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي ۽ چيف آف ڊفينس فورس فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خليج خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي فروغ لاءِ سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.
واپاري برادري جي نمائندن حڪومت سان ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.
وفد ”وزير اعظم پنهنجو گهر پروگرام“ تحت گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن لاءِ آسان شرطن تي قرض جي اسڪيم جاري ڪرڻ جي آجيان ڪئي.
شرڪت ڪندڙن ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ جي بورڊ ۾ سڌارن، پي آءِ اي جي ڪامياب نجڪاري، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي انوائسنگ جهڙن قدمن تي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.
اجلاس ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، سرحد، ڪوئيٽا، گجرات، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ چيمبرز جي صدرن ۽ اعليٰ نمائندن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.


